ٻاجھارا ٻول قاسم جا قول

ٻاجھارا ٻول قاسم جا قول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگھڙ محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ پبلشر نوٽ اعجاز قادر مهر ۽ مهاڳ غلام محمد غازيءَ جو لکيل آهي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، حافظ ولي محمد ڪورائي پير مسعود احمد سرهندي ۽ محمد پنجل شيخ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سگھڙ محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ ۾ حمد باري تعاليٰ، آمد عربي ڄام جي، شان مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، سهڻي جا سينگار، ڏهس بيت، آجيان جا بيت، تون سڄڻ تون سهڻو، پهاڪا ۽ هدايتي بيت، مناظرا، هنربيت، گرچيلو، ڳجھارتون، ڏور بيت ۽ ذات نامو وغيره شامل آهن. 117 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.
جنهن کي قادر اڪيڊمي رڪ، ضلعي شڪارپور 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو